لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقي وزيرآباد ۾ وقت تي طبي امداد نه ملڻ تي عورت جا 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا.وزيرآباد ۾ ٻوڏ سبب زندگي جو نظام سخت متاثر آهي، روڊ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا جنهن سبب اچ وڃ ۾ سخت رنڊڪون پيش اچي رهيون آهن. ريسڪيو اختيارين موجب ٻوڏ جي پاڻي سبب وقت تي طبي امداد نه ملڻ تي عورت جا 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويل ٻارن ۾ 2 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ به شامل آهي.انهي موقعي تي متاثر عورت چيو ته مقامي اسپتال ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل آهي، جيڪڏهن وقت تي طبي امداد ملي ها ته ٻارڙا بچي سگهيا ٿي، ياد رهي ته عورت 28 آگسٽ تي پهلڪو نالي ڀرسان ويجهو گاڏي ۾ ٻارن کي جنم ڏنو هو. ضلعي انتظاميه موجب متاثر فيملي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيم پهتي تيستائين ٻارن جي پيدائش ٿي چڪي هئي، ماءُ ۽ ٻارن جي حالت صحيح هئي، ماءُ اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.










