لاهور (پ ر) نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي) 50هين سالياني واپڊا انٽر يونٽ بيڊمنٽن چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪري اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. هي ٽورنامينٽ واپڊا اسپورٽس ڪمپليڪس لاهور ۾ 30 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ست ٽيمن حصو ورتو جنھن ۾ اين جي سي، ليسڪو، گيپڪو، فيسڪو، ميپڪو، آئيسڪو ۽ ڪيسڪو. مقابلي ۾ اين جي سي 170 پوائنٽن سان مجموعي طور تي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهنتہ گيپڪو 104 پوائنٽن سان ٻي ۽ فئسڪو 58 پوائنٽن سان ٽين پوزيشن تي رهي. اين جي سي جي محمد علي لاروش ۽ ماحور شهزاد ترتيبوار مرد ۽ وومينز سنگلز مقابلا کٽي ورتا. محمد علي لاروش ۽ اويس زاهد مينز ڊبلز مقابلي ۾ به شاندار فتح حاصل ڪئي. آفيسر ڪيٽيگري ۾ عثمان طالب سنگلز ۾ ٻي پوزيشن تي رهيو، جڏهن تہ منيب الدين سان گڏجي آفيسر ڊبلز جو فائنل کٽي ورتو. ان کان سواءِ محمد عدنان مينز سنگلز فائنل ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن تہ ماحور شهزاد ۽ فرزانه علي جي جوڙي وومنز ڊبلز ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ جي اختتامي ڏينهن انعام ورهائڻ جي شاندار تقريب ٿي، جنهن جا مهمانِ خاص نيشنل گرڊ ڪمپنيءَ جا مينيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر محمد شاهد نذير هئا. هن رانديگرن کي سندن شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ کٽندڙ رانديگرن سان گڏ سڀني ٽيم مينيجرز کي ٽرافيون ۽ شيلڊون پيش ڪيون. هن اين جي سي ٽيم جي ڪاميابيءَ کي اداري جو فخر قرار ڏيندي چيو ته رانديگرن پنهنجي محنت ۽ جذبي سان اين جي سي جو نالو روشن ڪيو آهي. تقريب ۾ ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ صدر اين جي سي اسپورٽس ايسوسيئيشن انجنيئر ڊاڪٽر خواجه رفت حسن، جنرل مينيجر (ميڊيا اينڊ پي آر) محمد ابراهيم، چيف انجنيئر (پي ڊي) ۽ نائب صدر اين جي سي اسپورٽس انجنيئر اصغر مجتبيٰ نيازي، ڊائريڪٽر جنرل (ايڇ آر او) طاهر محمود، ڊائريڪٽر جنرل واپڊا اسپورٽس بورڊ فاروق احمد، فنانس سيڪريٽري واپڊا اسپورٽس بورڊ حماد رسول ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.










