واٽس ايپ تي ٿيندڙ فراڊن بابت اهم ڄاڻ، لازمي پڙهو

واٽس ايپ تي ٿيندڙ فراڊن بابت اهم ڄاڻ، لازمي پڙهو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ جو استعمال هاڻي اسان جي روزمرهه زندگي جو حصو بڻجي چڪو آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ کان پوءِ ٻيو جعلسازي جا طريقا سامهون اچي رهيا آهن.
هن جعلسازي جي شروعات ائين ٿيندي آهي جو اوهان کي ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان واٽس ايپ تي هڪ پيغام ملي ٿو، جيڪو عام طور هن ريت هوندو آهي: “هيلو! هي ڏسو، مون کي اوهان جي هڪ تصوير ملي آهي.”
هن پيغام سان گڏ هڪ ويب سائيٽ جو لنڪ ڏنو ويندو آهي ته جيئن نشانو بڻايل ماڻهو ان تي ڪلڪ ڪري.
مختلف ملڪن ۾ اختيارين “واٽس ايپ گھوسٽ پيئرنگ” بابت خبردار ڪيو آهي، ڇو ته هن طريقي سان اوهان جو واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿي سگهي ٿو.
واٽس ايپ گھوسٽ پيئرنگ ڇو خطرناڪ آهي؟
بي بي سي جي رپورٽ موجب ڀارتي پوليس خبردار ڪيو آهي ته سائبر ڏوهن ۾ ملوث هيڪر واٽس ايپ ذريعي هڪ نئين قسم جو فراڊ ڪري رهيا آهن، جنهن کي “واٽس ايپ گھوسٽ پيئرنگ” سڏيو وڃي ٿو. ڀارت جي اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پڻ ان حوالي سان خبرداري جاري ڪئي آهي.
ان کان اڳ واٽس ايپ تي فراڊ جا گهڻا ڪيس فون ڪالن يا ٽيڪسٽ پيغامن وسيلي ميلويئر داخل ڪرڻ سان ٿيندا هئا، پر هاڻي پوليس کي معلوم ٿيو آهي ته واٽس ايپ تي معلومات شيئر ڪرائي به فراڊ ڪيو پيو وڃي.
حيدرآباد سٽي پوليس ڪمشنر وي سي سجنار چيو ته “هي اسڪيم هڪ لنڪ موڪلڻ سان شروع ٿئي ٿي، جيئن: ‘هيلو! ڇا اوهان هي تصوير ڏٺي آهي؟’”
هنن خبردار ڪيو ته اهڙن لنڪس تي ڪڏهن به ڪلڪ نه ڪريو. نه صرف ڪنهن اجنبي جي موڪليل لنڪ تي ڪلڪ نه ڪريو، پر جيڪڏهن موڪليندڙ کي سڃاڻو به ٿا، تڏهن به ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان واٽس ايپ جهڙي نظر ايندڙ هڪ جعلي ويب پيج کلي ويندو، ۽ بغير ڪنهن او ٽي پي يا اسڪيننگ جي، اوهان جو واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪر جي ڊوائيس (ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ يا موبائل) تي لاگ اِن ٿي ويندو.
تلنگانا سائبر سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر شِکا گوئل چيو ته هيڪر صارفين جي ذاتي واٽس ايپ اڪائونٽن کي پنهنجي ڊوائيسز سان ڳنڍي معلومات چوري ڪري رهيا آهن.
هن ٻڌايو ته لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان صارف جي بئنڪ اڪائونٽ جي ڄاڻ، ذاتي چيٽ، تصويرون ۽ وڊيوز سڀ ڪجهه هيڪرن جي هٿ اچي وڃي ٿو. “اهي صارفين جي نالن سان ٻين ماڻهن کي به پيغام موڪلين ٿا ۽ رقم گهرن ٿا ۽ فراڊ ڪن ٿا.”
ساڳئي وقت مرڪزي وزارتِ اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي به “گھوسٽ پيئرنگ” بابت هدايتون جاري ڪيون آهن. وزارت موجب هيڪر واٽس ايپ جي ڊيوائس لنڪنگ فيچر جو غلط استعمال ڪري اڪائونٽس هيڪ ڪري رهيا آهن، ۽ بغير اضافي تصديق جي پيئرنگ ڪوڊ وسيلي اڪائونٽس تي قبضو ڪيو پيو وڃي.
هي پراسرار پيغام، لنڪ ۽ ويب سائيٽ اهڙي نموني تيار ڪيا ويندا آهن جو اهي فيس بڪ يا واٽس ايپ جهڙا لڳن. جعلي لاگ اِن پيج صارف کي فون نمبر سان لاگ اِن ٿيڻ يا تصوير ڏسڻ کان اڳ تصديق ڪرڻ لاءِ چوندو آهي. ان کان پوءِ هيڪر اوهان جي فون نمبر سان واٽس ايپ تي “ڊيوائس پيئرنگ” جي درخواست موڪلين ٿا.
ماهرن موجب هن حملي جون ٻه صورتون آهن: هڪ ۾ صارف کي ڪيو آر ڪوڊ ڏنو ويندو آهي ۽ ٻي ۾ ڪوڊ موڪليو ويندو آهي. جڏهن صارف واٽس ايپ کوليندو آهي ته هو ان کي عام تصديقي عمل سمجهي هيڪر جي ڊوائيس کي لنڪ ڪري ڇڏيندو آهي.
جيڪڏهن واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿي وڃي ته ڇا ڪجي؟
شِکا گوئل موجب صارفين کي باقاعدي طور واٽس ايپ ۾ “لنڪڊ ڊيوائسز” چيڪ ڪرڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن ڪا اڻڄاتل يا شڪي ڊيوائس نظر اچي ته فوراً ان کي لاگ آئوٽ ڪيو وڃي.
هنن چيو ته وڌيڪ تحفظ لاءِ ٽو فيڪٽر ويئريفڪيشن جو فيچر ضرور استعمال ڪيو وڃي.
پوليس خبردار ڪيو آهي ته احتياط باوجود واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ جو امڪان رهندو آهي. جيڪڏهن شڪ ٿئي ته واٽس ايپ يا ڪو ويب برائوزر هيڪ ٿي ويو آهي ته فوراً ان جو استعمال بند ڪيو وڃي.
هنن صلاح ڏني ته هيڪنگ دوران ايندڙ سڀني پيغامن، لنڪس ۽ پاپ اپ نوٽيفڪيشنز جا اسڪرين شاٽ محفوظ ڪيا وڃن، ۽ ٽرانزيڪشن آءِ ڊي، يو ٽي آر ۽ ڪال لاگز جهڙي معلومات گڏ ڪئي وڃي.
ان سان گڏ اي ميل، بئنڪ ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽن جا پاسورڊ فوراً تبديل ڪيا وڃن. جيڪڏهن بئنڪ اڪائونٽ مان رقم غائب ٿي وڃي ته ترت لاڳاپيل بئنڪ يا اداري سان رابطو ڪري شڪايت داخل ڪرائي وڃي، ۽ گوگل ڪروم سميت سڀ ايپس نون سرڪاري ورجنن تي اپڊيٽ ڪيون وڃن.
تلنگانا پوليس پڻ خبردار ڪيو آهي ته ذاتي ڄاڻ جهڙوڪ او ٽي پي، پِن، سي وي وي ۽ واٽس ايپ ڪوڊ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن سان به شيئر نه ڪيا وڃن.
شِکا گوئل صلاح ڏني ته صارفين اهڙي واقعي بابت لاڳاپيل سائبر سيڪيورٽي اختيارين کي به فوراً اطلاع ڏئي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو