والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڪريڪ ڊائون، ڪشميري گرفتار

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڪريڪ ڊائون، ڪشميري گرفتار

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪشميرين کي گرفتار ڪيو آهي، ڪشمير ميڊيا سروس جي مطابق، ڀارتي فورسز سرينگر ۾ 12 کان وڌيڪ گهرن تي ڇاپا هنيا ۽ تلاشي ورتي ۽ ڪاري قانون تحت پرامن ڪشميرين خلاف ڪارروائي ڪئي، ڪي ايم ايس جي مطابق، ڀارتي فورسز ڇاپن دوران ڪشميرين کي خوفزده ڪيو ۽ ڪشميرين جا اهم دستاويز، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته آل پارٽيز حريت ڪانفرنس قابض فوج جي ڇاپن ۽ ڦرلٽ جي مهم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومن والاريل وادي ۾ بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو