واضح رهي ته مون کي هاڻي ڪنهن تي به اعتبار ناهي، جنت مرزا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽوڪر ۽ يوٽيوبر جنت مرزا سوشل ميڊيا تي اعتماد بابت پيغام جاري ڪيو آهي.ياد رهي ته اداڪارا، ماڊل ۽ ٽڪ ٽڪ ٽوڪر جنت مرزا جي پنهنجي پراڻي دوست عمر بٽ سان مڱڻي هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿي هئي.جنت مرزا اڄڪلهه اڪيلائي ۽ اداس پوسٽون شيئر ڪندي نظر اچي رهي آهي.هڪ انٽرويو دوران اداڪارا جو چوڻ هو ته هن گذريل مهيني سخت وقت ڏٺو، ذهني صحت بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻ کي گهر ۾ به محدود رکيو.جنت مرزا اڄڪلهه دبئي ۾ آهي جتان هن نيون تصويرون شيئر ڪيون آهن.انهن خوبصورت تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا دبئي ۾ تمام گهڻو مزو ڪري رهي آهي. جنت مرزا پنهنجي پوسٽ جي ڪمنٽ باڪس ۾ لکيو ته واضح رهي ته مون کي هاڻي ڪنهن تي به اعتبار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو