هٿيارن جي زور تي مبينه طور ناري اغوا، وارثن جو ڌرڻو

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو) مهدي شاهه محلي مان بااثر پاران سومرا برادري جي ناري ارم سومرو کي هٿيارن جي زور تي  گهر مان مبينا طور تي اغوا ڪري ويو جڏهن ته ناري جي پيءَ عبدالڪريم سومرو اهڙي شڪايت نئون ديرو ٿاڻي تي کڻي ويو جتي ايس ايچ او اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته اسان بااثر کي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون جنهن بعد ناري جو پيءَ عبدالڪريم، ڀاءُ سرمد، امڙ وزيران خاتون سميت برادري جي عورتن قرآن پاڪ مٿي تي  کڻي سکر لاڙڪاڻو هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري  ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب سکر ۽  لاڙڪاڻو روڊ تي سوين گاڏين جون قطارون بيهجي ويون. ان موقعي تي ناريءَ ارم جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر اسان جي نياڻي کي زبردستي گهر مان هٿيارن جي زور تي  اغوا ڪري ويو آهي جيڪي شڪايتون اسان ڪيترائي ڀيرا نئون ديرو پوليس کي ڪري چڪا آهيون پر نئون ديرو پوليس اسان کي نااميد ڪيو آهي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي جنهن بعد ا اسان احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي. اسان  ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي نياڻي کي اغوا ڪندڙ  بااثر معشوق شر کان بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ٻئي طرف نئون ديرو پوليس جي يقين ڌياني تي احتجاجي مظاهرو ختم ڪيو ويو جڏهن ته نئون ديرو پوليس جوابدار معشوق شر جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو گهر خالي ڪري فرار ٿي چڪو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو