ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو ) هڪ پاسي ڪشمور پوليس “آپريشن نجات مهراڻ” تحت ڌاڙيلن کي سرينڊر ڪرائڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڌاڙيلن جون ڪارروايون جاري آهن ڪشمور جي زور ڳڙهه واري علائقي ڀرسان هٿياربندن ڪوئيٽا کان صادق آباد ويندڙ مسافر ڪوچ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو بخشاپور ٿاڻي جي حد اندر انڊس هاءِ وي زور ڳڙهه ڀرسان ڌاڙيلن مسافر ڪوچ تي حملو ڪري ڏنو فائرنگ سبب هڪ عورت فوت ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ مائي وزيران طور ٿي آهي، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي










