هوٽل جي ٽي وي ريموٽ تان جهيرو نوجوان قتل

هوٽل جي ٽي وي ريموٽ تان جهيرو نوجوان قتل

ڳڙهي ياسين(توفيق مهر )ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽا جي ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هوٽل تي ٽي وي ريموٽ تان شروع ٿيل پراڻو تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان کي گوليون هني قتل ڪيو ويو، مري ويل جو انگ 3 ٿي ويو. انور ڪاڪيپوٽو ۽ منٺار ڪاڪيپوٽو جي ڌرين ۾ هوٽل تي ٽيليويزن جي ريمورٽ جي معمولي ڳالهه تان پراڻو تڪرار هلندڙ هيو جنهن ۾ هن وقت تائين 3 ماڻهون قتل ٿي چڪا آهن ساڳي ئي تڪرار تان نوجوان صفيع الله ڪاڪيپوٽو کي لاڙڪاڻه شڪارپور انڊس ھاءِ وي سونواهه اسٽاپ تي  گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جوابدار فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا جنهن بعد وارثن مقتول جو لاش ايمبولينس نه هجڻ سبب پرائيوٽ گاڏي ۾ کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر ڳڙهي ياسين آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو انھيء موقعي تي مقتول جي ڀاءُ حفيظ الله ڪاڪيپوٽو صحافين آڏو دانھيندي چيو ته جوابدار منٺار ڪاڪيپوٽو، ارباب ڪاڪيپوٽو، عرفان ڪاڪيپوٽو منهنجي ڀاءُ صفيع الله کي قتل ڪري ناحق ڪيو آهي بااثر جوابدار اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو سميت ٻين واس وارن کان مطالبو ڪيو  ته فوري طور جوبدار گرفتار ڪري کين منطقي انجام تي پھچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو