هوٽل تي بيٺل نوجوان بجلي جي تار ڪرڻ سبب فوت

ڪرمپور( سنڌيار)بجلي جي تار ڪرڻ سبب نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. شهر جي ناڪو اسٽاپ وٽ برسات کانپوءِ بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون ڪمزور هجڻ سبب تيز هوا سبب بجلي جون تارون ملڻ سبب ڌماڪو ٿيو ۽ تارون ٽٽي ڪري پيون. جنهن سبب هوٽل تي بيٺل ميرحسن چاچڙ پٽ ميرهزار چاچڙ بجلي جي تار مٿان ڪرڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. لاش ڳوٺ رئيس الله وڌايو چاچڙ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو