هواوي ڪمپني جي چين حڪومت پاران مالي مدد جي ترديد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هواوي کي چين جي حڪومت طرفان 75 ارب ڊالرن جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪمپني کي دل سان سرمائيڪاري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. اها دعويٰ آمريڪي جريدي وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ عوامي طور تي دستياب رڪارڊ جي حوالي سان ڪئي آهي. جڏهن ته هواوي اهڙين ڳالهين جي تردي جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق هواوي کي رياستي ڪنٽرول لينڊرز طرفان 46 ارب ڊالر قرضن ۽ لائن آڦ ڪريڊٽ جي مد ۾ مليا جڏهن ته 1.6 ارب ڊالرن جي گرانٽ به ڏني وئي. اهڙي طرح هواوي کي 2008 کان 2018 دوران ٽيڪسن جي مد ۾ 25 ارب ڊالرن جي ڇوٽ ڏني وئي جيڪا چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي مليل مراعاتن جو حصو هيو ۽ 2 ارب ڊالر زمينن جي خريداري لاءِ ڏنا ويا. ٻئي طرف هواوي طرفان ان مضمون تي مختلف ٽوئيٽ ۽ هڪ وڏو بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ڪمپني چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر وال اسٽريٽ جنرل غلط معلومات تي هواوي جي باري ۾ ڪوڙو مضمون شايع ڪيو هن ڀيري ڪمپني جي سرمائيڪاري ۾ الزام لڳائيندي ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ لاءِ 30 سالن جي سرمائيڪاري کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد ٽيڪنالوجي انڊسٽري ۾ بهتري آڻڻ آهي. چيني ڪمپني چيو اهي ته هن وٽ آمريڪي جريد خلاف قانوني ڪارروائي جو حق موجود آهي جيڪا ڪيترائي ڀيرا غير ذميواراڻه مضمون شايع ڪري چڪو آهي. آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ هواوي پنهنجي فيلگ شپ فون ميٽ 30 ۾ گوگل سروسز ۽ ايپس جو استعمال نه ڪري سگهندي هئي ايندرائيڊ جو اوپن سروس آپريٽنگ سسٽم ڪرڻو پيو. ان حوالي سان  نومبر 2019 ۾ هواوي جي بانيءِ رينگ زينگ فائي سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هواوي گوگل سافٽ ويئر ۽ ايپس کان پري رهي ڪري به دنيا جي نمبر ون سمارٽ فون ڪمپني بڻجي وئي آهي. رين زينگ فائي چيو ته اسان سڀ لاءِ انتهائي اهم وقت آهي جو آمريڪي حڪومت کي آمريڪي ڪمپنين جي مفاد تي غور ڪرڻ گهرجي. هن سام سنگ ۽ اپيل کي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا طرفان بليڪ لسٽ ٿيڻ باوجود ان جي ڪمپني نمبر ون سمارٽ فون ڪمپني بڻجي ويندي. اينڊرائيڊ جي بغير به اسان دنيا جي نمبر ونت ڪمپني بڻجي سگهون ٿا، مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو مسئلو درپيش اچي بس ٿورو وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو