ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي بي تاج بادشاهه شاهه رخ خان ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي پوري دنيا کي مبارڪباد ڏني آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي ڪنگ خان عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اچو ته هن ڏينهن تي احسان، رحمدلي ۽ نيڪي جي فضائل ملهايون.هن وڌيڪ لکيو آهي ته توهان سڀني کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم هن موقعي تي توهان سڀني کي دل جي گهراين سان گلے ملن، عيد مبارڪ.
