هندي ايسٽرولوجي موجب هي مهينو ڪنهن لاءِ بهتر رهندو؟

عمر ڪوٽ (ن سنڌيار) ملڪ جي نامياري ايسٽرولوجسٽ ۽ پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا لال ڪتاب جي آڌار تي ٻڌايو آهي ته ح، هه، ق، ڪ ۽ گ جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي طالع ۾ نحس اسٽار زحل داخل ٿيڻ گذريل مهيني کان جيڪا خلفشار واري ڪيفيت هئي اها 5 سيپٽمبر کان تبديل ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن جي خلاع ۾ هاڻي زهره داخل ٿيو آهي جنهن سبب سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين سندن رڪاوٽون ڏور ٿينديون، اطمينان ملندو.  کين گهرو  ۽ معاشرتي معاملن ۾ سٺي خبر ملندي. انهن حرفن وارن نالن جي ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته هو پنڇر ڏينهن ڪنهن ڪاري شئي جو صدقو ڏين ته سندن لاءِ بهتر ٿيندو. ياد رهي ته سندس اڳڪٿي هندي جي ايسٽرولوجي واري لال ڪتاب جي آڌار تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو