درخواست گذارن کي هن مهيني ۾ ڪارڊ جاري ٿيندا

درخواست گذارن کي هن مهيني ۾ ڪارڊ جاري ٿيندا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پوک کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بينظير هاري ڪارڊ پروگرام تحت 55.9 ارب رپيا هارين تي خرچ ڪرڻ وڃي رهي آهي. شروعاتي طور تي چار لک هارين کي هاري ڪارڊ پروگرام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پهرئين مرحلي ۾ 22 لک 60 هزار ايڪڙ زمين لاءِ مالي سھائتا ڏني ويندي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن مهيني جي آخري هفتي ۾ سنڌ بئنڪ ذريعي وڌيڪ 50 هزار بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. هاري ڪارڊ جي رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. جن هارين وٽ اڳواٽ ئي بينظير هاري ڪارڊ موجود آهي، سي فوري طور پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪن، ۽ جن وٽ ڪارڊ ناهي، اهي سڃاڻپ ڪارڊ يا زمين جو رڪارڊ ڏيکاري رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته بايوميٽرڪ تصديق ذريعي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ڊجيٽل نظام ذريعي زمين جي جاچ پڻ ڪئي ويندي. ويٽ گروورز پروگرام تحت اهڙن هارين کي اوليت ڏني پئي وڃي جن وٽ هڪ کان 25 ايڪڙ زمين آهي. ڪڻڪ جي پوک لاءِ هارين کي هڪ بوري ڊي اي پي ۽ ٻه بوريون يوريا ڀاڻ ڏنو پيو وڃي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ هارين جي ڀرپور همٿ افزائي ڪري رهي آهي ته جيئن جھجھي پيداوار حاصل ٿي سگهي. ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ملڪ ۾ خوشحالي ۽ خودڪفالت جو سبب بڻجندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي هن فيصلي سان ننڍن هارين کي اثرائتي مدد ملندي. هن قدم جو مقصد ھارني جي رڳو مالي مدد ڪرڻ نه، پر کين باعزت طريقي سان پاڻڀرو بڻائڻ آهي. ايندڙ مرحلي ۾ سنڌ حڪومت وڌيڪ لکين هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيندي ته جيئن وڌ کان وڌ ھاري هن سهولت مان لاڀ ماڻي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو