هارون لغاري ۽ نياز حسين جيلاني پي ٽي آءِ ۾ شامل،خان سان ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان ٻه وڏيون سياسي شخصيتون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويون. سنڌ جي شهر خيرپور مان پير نياز حسين جيلاني تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته ڪي پي مان هارون لغاري پي ٽي آءِ جو حصو بڻيو. ٻنهي شخصيتن پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات به ڪئي. پير نياز حسين جيلاني اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي کي شڪست ڏئي خيرپور جو ضلعي ناظم چونڊيو هو، جڏهن ته هارون لغاري جو واسطو ڪي پي مان اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي تڪ سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو