هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت جج سميت 3 ججن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 نون ججن عهدي جو حلف کڻي ورتو جنهن ۾ هڪ عورت جج به شامل آهي جيڪا هن عدالت عاليه جي پهرين عورت جج آهي. حلف برداري جي تقريب وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ ٿي گذري جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شرڪت ڪئي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بار پاران تقريب جي بائيڪاٽ باوجود وڪيلن جو وڏو انگ موجود هو. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عورت جج لبنيٰ سليم پرويز ۽ ٻين 2 ججن فياض احمد جندران ۽ غلام اعظم قمبراني کان حلف ورتو. جڏهن ته ان کان اڳ وزارت قانون و انصاف پاران 3 ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويوهو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته صدر مملڪت هڪ سال لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ 3 ايڊيشنل جج مقرر ڪيا. واضح رهي ته آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ايڊيشنل جج جي ابتدائي مقرري هڪ سال لاءِ هوندي آهي اهڙي مدت ختم ٿيڻ بعد جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان مستقل بنيادن تي ججن جي سفارش ڪندا آهن جنهن کان پوءِ ججن جي مقرري تي قائم پارلياماني ڪميٽي سفارشن تي غور ڪندي آهي. ياد رهي ته 21 نومبر تي جي سي پي لبنيٰ پرويز، احمد جندران ۽ غلام قمبراني جي بطور ايڊيشنل جج مقرري جي سفارش ڪئي هئي ۽ 4 ڊسمبر تي ان جي نامزدگين جي پارلياماني ڪميٽي متفقه طور توثيق ڪئي هئي. واضح رهي ته لبنيٰ پرويز سليم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بطور ڊپٽي اٽارني جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن کان علاوهه فياض انجم جندران اسلام آباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ اسلام آباد بار ڪونسل جو ميمبر به رهي چڪو آهي. ٻئي طرف غلام اعظم قمبراڻي بلوچستان جو مشهور وڪيل رهيو آهي جڏهن ته هو سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو ميمبر به رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو