هاءِ ويز وڪرز يونين جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

رتوديرو (عطاءُالله بروهي) هاءِ ويز ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ورڪرز يونين جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ورڪرز يونين هاءِ ويز پراونشنل ۽ ڊسٽرڪٽ يونين پاران مرڪزي صدر اياز حسين اهير، دين محمد مگسي، الطاف حسين سانگي، ماجد حسين سومرو، شاهنواز لغاري، ديدار علي کوکر، غلام سرور لاشاري، اعجاز احمد لاشاري، مير احمد چانديو، عبدالقيوم کهڙو، علي حسن ابڙو، صفدر مستوئي، جمال الدين ميراڻي، حسين بخش جوڳي، الطاف شاهاڻي، عمران علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت کاتي جي رٽائرڊ سينيئر ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کي ڪوٽا تحت نوڪرين ۾ نظر انداز ڪري رهي آهي هاءِ ويز کاتي جي ملازمن جي اولاد کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ هاءِ ويز سنڌ جي ننڍن ملازمن جي ڀرتي جا اختيار چيف انجنيئر سپرينٽينڊنٽ انجنيئر ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ڏنا وڃن. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق ٻين صوبن جيان سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ پنجاب صوبي جي ملازمن جيان سنڌ جي ملازمن کي به يوٽيلٽي الائونس ڏنا وڃن. هنن چيو ته مشينري جي مرمت لاءِ فنڊز جاري ڪري مشينري ٺهرائي ڏني وڃي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته چارٽر آف ڊمانڊ ۾ پيش ڪيل مطالبن کي منظور نه ڪيو ويو ته احتجاجن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو