ن ۽ پ پ وارا پاڻ مٿان هوائي فائرنگ پيا ڪن،اندر ۾ مليل آهن: محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ پ پ ۽ ن ليگ اندريان ھڪ آھن ٻاھر ھوائي فائر ڪري عوام کي بي وقوف بڻائي رھيا آھن. پي ڊي ايم حڪومت ۾ پڻ اھي سڀئي گڏ ھئا جن عوام کي پنڻ تي مجبور، مھانگائي بدامنيءَ ملڪ کي عالمي اداران وٽ گروي ۽ پنھنجي ڪيل ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ ناھي ڪيو. عوام 8فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ديانتدار قيادت کي سوڀارو ڪري.عالم سڳورا منبر و محراب وسيلي ملڪ ۾ قرآن وسنت جي قانون کي قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اھڙن خيالن جو اظھار ھن گذري ۾ جامعہ دارالسلام جي ختم بخاري شريف جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ظلم اھو آھي جو جن بجلي گيس بحران، ملڪ کي قرضي قومي دولت جي ڦرمار ڪري پرڏيھ ۾ اثاثا۽ محلات اڏيا اھي اڄ وري چونڊ مھم دوران عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي دعوي ڪري رهيا آھن جيڪا ڳالھ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي انڪري سنڌ جو عوام اھڙن ٺڳن جي ٽولي کا ھوشيار رھي. جن جا ورھين کان ابا ڏاڏا عوام کا ووٽ وٺي صرف پنھنا پيٽ ڀريندار رھيا عوام ساڳيو سورن ۾ رھيا تن جو اولاد کٽي ڪھڙي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو. جلسي کي مولانا ضياءُ الرحمان فاروقي، مولانا عبدالوحيد، محمد افضل پڻ خطاب ڪيو. ھوڏانھن جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسداللہ ڀٽو ترائي پھچي ڪري اڳوڻي ايم پي اي سردار ھمت علي ڪماريو جي وفات تي پٽن نجف علي ڪماريو سان تعزيت مرحوم کي مغفرت درجات بلندي لاءِ دعا ڪئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو