ن ليگ جو ملڪ احمد خان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ملڪ احمد خان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو.اسپيڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڍائي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.مسلم ليگ ن پنجاب جي اميدوار مريم نواز جي ايوان ۾ آمد تي احتجاج ڪيوويو،سني اتحاد ڪائونسل ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبرن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.پنجاب اسيمبلي جي 4 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي حافظ فرحت به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهي.مغرب جي نماز جي وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ۽ نئين اسپيڪر جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو.اسپيڪر شپ لاءِ مسلم ليگ ن جي ملڪ محمد احمد خان جو سني اتحاد ڪائونسل جي احمد خان ڀچر سان مقابلو هو. پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ 3 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا، جتي 327 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو.مسلم ليگ ن جو ملڪ احمد خان 225 ووٽ کڻي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. سندس ڪاميابي تي مسلم ليگ ن جي ميمبرن شير شير مريم مريم جا نعرا هنيا.حلف کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر ايوان جي باقي ڪارروائي جاري رکندو ۽ هاڻي ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪندو.ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن جي ظهيراقبال چنار جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي معين رياض قريشي سان ٿيندو.سني اتحاد ڪائونسل جي احمد خان ڀچر جو چوڻ آهي ته سندس ميمبرن کي اسيمبلي ۾ اچڻ کان روڪيو پيو وڃي، ميان اسلم اقبال محفوظ هنڌ تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو