اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پيپلز پارٽي سان نگران وزيراعظم لاءِ 5 نالا شيئر ڪيا آهن ۽ جلد قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض ۽ مولانا فضل الرحمان سان مشاورت بعد هڪ نالو فائنل ڪيو ويندو. دي نيوز جي رپورٽ موجب خواجا آصف جو چون آهي ته اسحاق ڊار جو نالو انهن پنجن نالن ۾ شامل ناهي. هن چيو ته پنج ئي نالا سياستدانن جا آهن، انهن ۾ ڪو به رٽائرڊ جج، جرنيل يا بيوروڪريٽ شامل ناهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جلد راجا رياض وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. پيپلز پارٽي جي ذريعن مسلم ليگ پاران نالا ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.
