اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم جو فيصلو مشاورت سان ٿيندو، هڪ پارٽي فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، اسحاق ڊار کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو پي ڊي ايم اتحاد جي پليٽ فارم تان نه ٿيو آهي پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله جو بيان، حافظ حمدالله چيو آهي ته ن ليگ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ طئي ڪرڻ ۽ نگران وزيراعظم جي لاءِ مشاورتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي،هن ڀيري شوڪت عزيز، حفيظ شيخ ۽ رضا باقر جهڙن امپورٽيڊ شخصن کي نگران وزيراعظم نه بڻايو ويندو،واضح رهي ته گذريل ڏينهن کان خبرون هلي رهيون هيون ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي نگران وزير اعظم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي
