نيوزيلينڊ پاڪستاني ٽيم جي دوري جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ديسڪ) نيوزيلينڊ پاڪستان ڪرڪٽ تيم جي دوري جي منظور ڏئي ڇڏي آهي ۽ قومي ٽيم نومبر جي آخر ۾ نيوزيلينڊ پهچندي. جتي 18 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين ٻن ٽيسٽ ميچز ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏي ويندي. قومي ٽيم نيوزيلينڊ پهچڻ بعد 14 ڏينهن قرنطينه ۾ گزاريندي ۽ ٽيسٽ بعد ميچز کيڏندي. نيوزيلينڊ ڪوورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ حفاظتي اپاءُ وٺندي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائيندي. ٽي ٽوئنٽي ميچز 18، 20 ۽ 22 ڊسمبر تي ترتيبوار آڪلينڊ، هيملٽن ۽ نيپيئر شهرن ۾ کيڏيون وينديون. جڏهن ته پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر تي مائونگنوئي ۽ ٻيو ٽيسٽ ڪرائيسٽ چرچ ۾ 3 جنوري تي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو