نيشنل بئنڪ کي ملازمن جي پينشن ادا ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيشنل بئنڪ جي نظر ثاني واري درخواست خارج ڪندي ساڍا 11 هزار ملازمن کي هڪ مهيني اندر پينشن ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رٽائر ملازمن کي ادائگي بابت عدالتي فيصلي کي برقرار رکيو ويو آهي. 6 سالن کان التوا ۾ درخواست جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪئي. ياد رهي ته نيشنل بئنڪ پنهنجي رٽائر ٿيل ملازمن جي ڪيلڪوليشن ۾ هٿرادو فارمولا لاڳو ڪري کين گهٽ پينشن ڏني هئي جنهن کي ملازمن عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو. هاڻي بئنڪ کي 60 ارب روپيا ادا ڪرڻا آهن ۽ عدالت کين هڪ مهيني جي مهلت ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو