لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب نيب لاهور چيئرمين نيب کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون آرڊيننس عثمان بوزدار تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ نئين نيب آرڊيننس تحت اڳوڻي وڏي وزير کي به جاچ دوران گرفتار ڪري سگهجي ٿو.نيب ذريعن موجب عثمان بوزدار ۽ سندس خاندان خلاف 9 ارب کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جاچ جاري آهي ۽ انهن خلاف ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جو ڪيس به جاچ هيٺ آهي.تحريڪ انصاف جي دور ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تي به پئسي سان مقرريون ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته هو مختلف ڪيسن ۾ نيب آڏو پيش ٿي چڪو آهي ۽ عدالتن مان ضمانت به حاصل ڪري چڪو آهي.
