نيب انڪوائري، ريٽائر برگيڊيئر خود ڪشي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر ۾ رٽائرڊ برگيڊيئر اسد منير مبينه طور آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد منير گهر جي ڪمري ۾ پکي سان پاڻ کي ٽنگي خودڪشي ڪئي آهي. اسٽيٽ سي ڊي اي جي اڳوڻي ميمبر اسد منير جو لاش اسلام آباد جي ڊپلوميٽڪ انڪليو واري علائقي ۾ موجود سندس فليٽ مان مليو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ بعد اسد منير آپگهات ڪيو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد منير ڪالهه کان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي حوالي سان پريشان هو. اسد منير چوندو هو ته نيب وارا مس مس چُپ ٿي ويا هئا، هاڻ وري منهنجي پويان پئجي ويا آهن، آخرڪار نيب وارا منهنجو پيڇو ڇو نٿا ڇڏين. اسد منير عسڪري انٽيليجنس ايجنسي پشاور جو ڊائريڪٽر به رهيو ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو هو. هن تي اسلام آباد جي ايف اليون سيڪٽر ۾ غيرقانوني پلاٽ حاصل ڪرڻ جو الزام به هو.

پهنجو تبصرو موڪليو