اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ نور مقدم قتل ڪيس ۾ سزائن خلاف جوابدارن جي اپيلن جي ٻڌڻي ۾، مکيه جوابدار ظاهر جعفر جي وڪيل سلمان صفدر پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن کان پوءِ چوڪيدار ۽ مالي جي وڪيلن پنهنجا دليل شروع ڪيا. عدالت ٻڌڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڊان نيوز موجب، جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. ظاهر جعفر جو وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته نور مقدم جي والد اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم طرفان ايڊووڪيٽ شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيو. جوابدار ظاهرجعفر جي وڪيل سلمان صفدر ٻڌڻي جي شروعات ۾ پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته پراسيڪيوشن جو سڄو ڪيس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ڊي وي آر تي ٻڌل آهي، ۽ اپيل ڪندڙ خلاف ثبوت شڪ کان بالاتر هجڻ گهرجن. وڪيل سلمان صفدر وڌيڪ چيو ته عدالت ثبوت طور پيش ڪيل فوٽيج کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ استغاثه جي فوٽيج هلائي وئي پر اها نه هلي، اها وڊيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل پاران مهيا ڪيل يو ايس بي تان هلائي وئي. جوابدار ظاهرجعفر جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شريڪ جوابدار چوڪيدار ۽ مالي جي وڪيلن پنهنجا دليل شروع ڪيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جوابدارن تي الزام آهي ته انهن مقتولا کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيو. جسٽس باقر نجفي چيو ته جيڪڏهن ڏوهاري متاثر کي نه روڪين ها ته معاملو مختلف هجي ها. جوابدار جي وڪيل چيو ته گهر ۾ مالي ۽ چوڪيدار جي موجودگي کان سواءِ ٻيو ڪو به ڏوهه نه هو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پگهار کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ياد رهي ته 20 جولاءِ 2021 تي ملزم ظاهر جعفر پنهنجي پاڙيسري نورمقدم کي ايف سيون فور واري گهر ۾ ريپ بعد ڳلو ڪپي قتل ڪيو هو. جنهن بعد هن آمريڪا فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر پوليس کيس 24 جولاءِ تي گرفتار ڪري قتل جي ايف آءِ آر ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪئي هئي. فيبروري 2022 ۾ اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جوابدار کي موت جي سزا ڏني هئي. جنهن کي جوابدار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيوهو پر مارچ 2023 ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس موت جي سزا برقرار رکي هئي. جنهن خلاف جوابدار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي. جيڪو ڏيڍ سال کان التوا ۾ هو ۽ اڄ ان جو فيصلو ٻڌايو ويو.










