نوجوان گم،آئي جي سميت ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نوجوان سلمان جي گم ٿي وڃڻ جي خلاف درخواست تي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شپ اونر ڪاليج ويجهو نوجوان جي گم ٿي وڃڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته سلمان کي 8 جولاءِتي شپ اونر ڪاليج ويجهو تحويل ۾ ورتو ويو پوليس سميت ٻيو ڪوبه ادارو تعاون نه پيو ڪري سلمان جو ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمين سان تعلق نه آهي عدالت هوم سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو