ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اوڊيشا سان تعلق رکندڙ عورت ڪرڪيٽر راجشري جو لاش جنگل مان هٿ ڪيو ويو. ڀارتي پوليس موجب 26 ورهين جي ڪرڪيٽر جو لاش اوڊيشا جي شهر ڪٽڪ جي جنگل ۾ وڻ سان ٽنگيل مليو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب عورت ڪرڪيٽر 11 جنوري کان لاپتا هئي، جڏهن ته پوليس کي جنگل ويجهو سندس اسڪوٽر به ملي آهي، ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي هر زاويي کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عورت ڪرڪيٽر جي موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سامهون ايندو. ڀارتي ميڊيا موجب قومي سطح جي ٽورنامينٽ لاءِ هن علائقي ۾ ٽريننگ ڪيمپ لڳائي وئي جنهن لاءِ راجشري چونڊيل 16 رڪني ٽيم ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. راجشري سان گڏ هوٽل ۾ رهندڙ هڪ عورت چيو ته اربع جي شام ٽيم جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ هوءَ روئي رهي هئي ۽ پوءِ هوٽل مان غائب ٿي وئي جتي اسان ٽريننگ سيشن لاءِ ترسيا هئاسين. فوتي عورت ڪرڪيٽر جي وارثن واقعي کي قتل قرار ڏيندي چيو آهي ته جسم تي زخمن جا نشان آهن. خاندان موجب، راجشري هڪ تيز بالر ۽ هڪ مڊل آرڊر بيٽسمين هو.










