نوجوان جي خون سان انصاف نه ٿيو، سول سوسائٽي جو احتجاج

چيلهار (ساجد نهڙيو) هڪ هفتو اڳ پونجو ڀيل جي گاڏي ٽڪر ۾ قتل ڪيل رنجنيش مالهي جي خون سان انصاف نه ٿيڻ ۽ پونجو ڀيل کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف چيلهار ۾ سول سوسائٽي جو احتحاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شهرين انور نهڙيو معشوق عمراڻي، چيتن مالهي، واسديو مالهي گرڌاري مالهي ۽ ٻين چيو ته پونجو ڀيل رنجنيش مالهي کي قتل ڪيو آهي قاتل کي سزا ملڻ گهرجي، اسان کي انتهائي گهڻو ڏک پهتو آهي ته عمرڪوٽ جي وڪيل برداري پاران هڪ قاتل جي سپورٽ ڪئي پئي وڃي. پونجو ڀيل اقتداري ڌر جو ماڻهو هئڻ جي ڪري سندن خلاف قانوني ادارا ڪارروائي کان قاصر بڻيل آهن. هننن دانهيدي چيو ته جيڪڏهن پونجو ڀيل کي گرفتار ڪري سخت سزا نه ڏني وئي ته سموري سنڌ ۾ احتحاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو