نوجوان اتحاد طرفان علائقي جي معززين جي مان ۾ عيد ملن پارٽي

گھارو (رپورٽ بشام جوکيو) ٻاٻڙا نوجوان اتحاد طرفان علائقي جي معززين جي مان ۾ عيد ملن پارٽي ڪئي وئي جنھن ۾ پي پي اڳواڻن رئيس عبدالغني بگهياڙ. وڏيرو طفيل احمد ٿهيم. واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڀونداس ٽڪياڻي. مختيار لاشاري. مولوي قاسم چانڊيو. عبدالحمید عمراڻي. سڪندر. سماجي اڳواڻن بلاول ٻاٻڙو. امير ٻاٻڙو. خدابخش لاشاري. عرفان عباسي. عبدالغني عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري وڏو مسئلو آهي ضلعي ملير کان پوءِ ضلعي ٺٽي ۾ به قبضو گروپ سرگرم ٿي ويا آهن هتي جون زمينون به ريونيو عملدارن هير ڦير ڪري ڌارين کي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن انڪري لوڪل ماڻهن کي پنهنجي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هر مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو.پي پي اڳواڻن چيو ته اسانجي حڪومت هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي زمينن جي هير ڦير واري معاملي تي پارٽي جي اعلي قيادت کي آگاه ڪنداسين اسانجو جئڻ مرڻ عوام سان آهي انشا الله تعلقي ميرپور ساڪري جي عوام جي مالڪي ڪنداسين. آخر ۾ بلاول ٻاٻڙو سڀني آيل مهمانن جو شڪريا ادا ڪيو ۽ سڀني مهمانن کي اجرڪون پارايون.

پهنجو تبصرو موڪليو