نواز شريف کي مليل سزائن خلاف اپيلون رد، سزا بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزائن خلاف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون ٻئي اپيلون رد ڪيون ويون آھن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي اپيلن تي گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف کي ٻڌايل سزائون برقرار رکيون ويون آھن، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي غير موجودگي ۾ اپيلن جي ٻڌڻي قانون مطابق نٿي ڪري سگهجي.نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج جو ويڊيو اسڪينڊل آيو هو جنهن ۾ هو مبينه طور چوي پيو ته کيس ويڊيو ڏيکاري کائنس زوري فيصلو ڪرايو ويو. فيصلو ڏيندڙ جج ارشد ملڪ کي برطرف ڪيو ويو هو جنهن بعد هو فوت ٿي ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته نواز شريف کي ڪيترا ڀيرا موقعو ڏنو پر هو ضمانت تي هجڻ باوجود پيش نه ٿيو، عدالت وٽ اپيل رد ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي. عدالت چيو ته نواز شريف وطن اچڻ بعد اپيل ڪري سگهي ٿو. عدالت ساڳئي فيصلي ۾ مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جون سزا خلاف اپيلون منظورر ڪندي 6 جولاءِ کان ٻڌڻ جو حڪم ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو