نواز شريف جي واپسي طئي،21 سيپٽمبر تي لاهور ايندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي جي تاريخ طئي ٿي وئي آهي.لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، سليمان شهباز، حسن نواز، خواجا آصف ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ نواز شريف جي وطن واپسي ۽ چونڊن جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته چونڊن بابت پيپلز پارٽي جي موقف تي به غور ڪيو ويو،اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو ته سندس وطن واپسي تي شاندار استقبال ڪيو ويندو.لاهور ۾ نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سندس لاءِ ريليون ڪڍيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو