لاهور )ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي شهباز شريف جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي نااهلي جا پنج سال پورا ٿي ويا آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف خلاف ڪيسن ۾ ڪا به صداقت ناهي، 5 سالن کان وڌيڪ نااهل نٿو ٿي سگهي.وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، آئين ۾ چونڊن جو وقت مقرر آهي.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جلد وطن واپس ايندو، اسان جي خواهش آهي ته نواز شريف چونڊ مهم جي قيادت ڪري.وزيراعظم شهباز شريف جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ جو به چوڻ آهي ته ثبوت نه هئڻ جي صورت ۾ ڪيس پنهنجي مرضيءَ سان مري ويندا آهن، حڪومت جو مدو آگسٽ ۾ پورو ٿي ويندو.
