screen shot

نواز جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ۾ دير، فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد (اياز مهر) قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ (ن) جي قائد نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت وزارت داخلا کي جواب ۾ چيو آهي ته ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو ورتو آهي وفاقي حڪومت کي سفارش ٿا ڪيون ته هو فيصلو پاڻ ڪري. نيب طرفان جواب ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت صوابديدي اختيار تحت نوازشريف جي درخواست تي فيصلو ڪري ڇاڪاڻ ته مختلف ڪيترن ئي ڪيسن ۾ وفاقي حڪومت پنهنجا اختيار استعمال ڪري چڪي آهي. واضح رهي ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ وزارت داخلا ۾ درخواست ڏني هئي ۽ وزارت داخلا اهو معاملو هڪ خط ذريعي نيب ڏينهن موڪلي ڇڏيو هو جنهن بعد هاڻي نيب اهو معاملو هڪ دفعو ٻيهر وزارت داخلا ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم جي سربراهي ۾ ڪابيان جي ذيلي ڪميٽي معاملي تي غور لاءِ اجلاس اچ اڱاري تي طلب ڪيو آهي جنهن ۾ شهباز شريف ۽ طبي بورڊ جي نمائندن کي طلب ڪيو ويو آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جو نمائندو ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو ۽ موقف بيان ڪندو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي پنهنجي سفارش ڪابينا جي اجلا ۾ پيش ڪندي جنهن ۾ نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو. هوڏانهن وفاقي وزير دفاعي پيداوار زبيده جلال جيو نيوز جي حامد مير جي پروگرام ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان طبي بنيادن تي نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت جو ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪو آحي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته نواز ليگ 30 سال اقتدار ۾ رهي پر هڪ به اسپتال اهڙي نه ٺاهي سگهي جنهن ۾ نواز شريف جو علاج ٿي سگهي، هن چيو ته مان هجان ها ته مري وڃڻ پسند ڪريان ها. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اربع تي ايئر ايمبولينس جو انتظام ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو