ڊِيل واري بيان تي چوڌري غلام سرور عدالت طلب

ڊِيل واري بيان تي چوڌري غلام سرور عدالت طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نوازشريف جي ضمانت کي ڊيل سان ڳنڍڻ واري بيان تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي وزير چوڌري غلام سرور خان کان 14 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. 2 ڏينهن اڳ وڪيل خالد محمود خان غلام سرور خان جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جمع ڪرائي هئي. درخواست ۾ نجي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ ٽاڪ شو جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته وفاقي وزير غلام سرور نوازشريف جي آزادي کي حڪومت ۽ اڳوڻي وزيراعظم وچ ۾ ڊيل قرار ڏني آهي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جهانگير جدون چيو ته غلام سرور خان مبينه ڊيل بابت بيان ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته جعلي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري سگهجي ٿي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ حڪومت تشڪيل ڏني آهي ته پوءِ هو ائين ڪيئن ٿو چئي سگهي.؟ چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته سياست الڳ شيءِ آهي پر اهڙن بيانن سان ماڻهن جو عدالتن مان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي. عدالتي بينچ غلام سرور خان خلاف داخل ڪيل درخواست وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو. ٻڌڻي دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته منهنجو چوڌري غلام سرور جي ڪيس سان ڪو واسطو ناهي جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته فردوس عاشق اعواڻ سرڪاري سطح تي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چوڌري غلام سرور به بيان ڏنو آهي ان ڪري ٻئي ڪيس گڏ ٻڌا ويندا جنهن کان پوءِ عدالت چوڌري غلام سرور خان کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو