عهدو، پارٽي ۽ سياست نه پيو ڇڏيان، ٿورو بريڪ پيو وٺان، خٽڪ

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ سياست ڇڏڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته سياست ڇڏڻ جون خبرون غلط آهن، نه پارٽي عهدو ڇڏي رهيو آهيان نه سياست، ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪرڻ چاهيان ٿو.سندس چوڻ هو آرام ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان سياست ڇڏي رهيو آهيان.ياد رهي ته عام چونڊن ۾ شڪست تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين پارٽي چيئرمين شپ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو