نقوي جون ايراني قيادت سان ملاقاتون خطي ۾ امن جي ڪوشش لاءِ آهن، ترجمان

نقوي جون ايراني قيادت سان ملاقاتون خطي ۾ امن جي ڪوشش لاءِ آهن، ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فارين آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وفاق گهرو وزير محسن نقويءَ جو ايران جو دورو ٻه طرفي تعلقات، سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملن ۽ علائقائي ترقيات، خاص ڪري علائقي ۾ امن ۽ استحڪام بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي، ترجمان طاهر اندرابي چيو ته نقوي، جيڪو اڱاري تي تهران پهتو، ايراني اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن کي ”ٻه طرفي تعلقات، سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملن ۽ علائقائي ترقيات تي گفتگو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ خاص طور تي علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ تعميري مصروفيت کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۽ علائقائي ترقيات تي ڌيان ڏنو ويو آهي“.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ مطابق، نقويءَ جو تهران ۾ استقبال سندس ايراني هم منصب اسڪندر مومني ڪيو ۽ بعد ۾ هن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ڳالهيون ڪيون.
سفارتي ذريعن موجب نقويءَ جي دوري جو بنيادي مقصد اسلام آباد يادداشتِ تفاهم ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان جي ثالثي تي فالو اپ ڪرڻ هو.
پاڪستان جي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن بابت وڌيڪ ڳالهائيندي، اندرابي ورجايو ته پاڪستان ”ڀائر ملڪن“ سان گڏ ”مخلص ڪوششن“ ۾ مصروف آهي ته جيئن بحران جو حل ڪڍي سگهجي.
هن چيو ته ”پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پوريون ڪوششون ڪري رهيو آهي ته جيئن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جو رستو هموار ٿئي.“
هن خبردار ڪيو ته پاڪستان سڌي ۽ اڻ سڌي چينلز ذريعي ”معملا خراب ڪندڙن“ کي روڪڻ جاري رکندو ۽ باقي رهيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تعميري گفتگو جي تسلسل کي يقيني بڻائيندو.
مڪه معاهدو علائقائي امن خاطر آهي
ترجمان گذريل هفتي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي بابت به ڳالهايو، جنهن کي هن ”هفتي جي نمايان“ پيش رفت قرار ڏنو. جمعي تي مڪه ۾ دستخط ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو گڏيل دفاع کي مضبوط ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو ۽ دستخط ڪندڙ رياستن کي اختيار ڏئي ٿو ته انهن مان ڪنهن هڪ تي حملو سڀني تي حملو سمجهيو وڃي.
هن چيو ته معاهدو ٽنهي قومن جي ”گڏيل سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، علائقي ۽ ان کان ٻاهر امن، سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ“ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.
هن چيو ته معاهدو ٽنهي ملڪن جي ”ڊگهي عرصي واري ڀائپاڻي تعلقات“ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ”علائقائي امن ۽ سيڪيورٽي جي بار کي گڏجي کڻڻ جي اسان جي عزم“ کي ظاهر ڪري ٿو.
”هي معاهدو خالص دفاعي نوعيت جو آهي ۽ رڪن رياستن کي درپيش خطرن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ڪوششن جي اجازت ڏئي ٿو،“ اندرابي وڌيڪ چيو ۽ ڊپٽي پريمير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق دار جي 10 آگسٽ واري بيان کي ياد ڪيو، جنهن ۾ هن قوم کي معاهدي تي مبارڪباد ڏيندي چيو هو ته معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي خلاف ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو