نفرت واري سياست سبب ماڻهو نوازليگ کان نفرت ڪن ٿا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نفرت واري سياست سبب ماڻهو نوازليگ کان نفرت ڪن ٿا،پيپلزپارٽي اڳواڻ شرجيل ميمڻ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ته نواز ليگ وٽ عوام کي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي غلط پاليسين جي ڪري تحريڪ انصاف بيٽ جي چونڊ نشان کان محروم ٿي، پيپلزپارٽي مشڪل حالتن باوجود ادارن تي حملا نه ڪيا،هن چيو ته نون ليگ جا سمورا نعرا ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ملڪ کي بحرانن مان رڳو پيپلزپارٽي ئي ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو