نشي آور دوائن جو استعمال وڌي ويو، نوجوان نسل تباهه

ڪنب (رپورٽ صفدرچانڊيو) نشي آور انجيڪشن عام اسٽورن تي دستياب هئڻ سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي. اڪثر ميڊيڪل اسٽورن تي، نشي آور سيرپ ۽ ٽيبليٽ ڊاڪٽرن جي تجويز کانسواءِ اسٽور وارا وڪروڪن ٿا. اڪثر دوائون مبينه طور جعلي آهن ۽ لاهوري دوائون سرعام وڪرو ٿي رهيون آھن. هڪ انذازي موجب ايڊز جهڙي موذي مرض سبب ڪيترائي نوجوان وڪوڙجي ويا آھن جڏھن ته گذريل سال ايڊز جي مرض ۾ ڪنب جو رهواسي عبدالغني سولنگي پڻ فوت ٿي ويو هو. چئن کان مٿي ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيا آھن ماڻهو ٽيسٽ ڪرائڻ کان لنوائن ٿا. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني هلندڙ ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو