اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پرڏيهي فنڊنگ جو معاملو طئي ٿي ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت طرفان موڪليل 8.2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ گيپ پلان کي منظور ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي کان فنانسنگ حاصل ڪئي ويندي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران چين مان 3.5 ارب ڊالرن جي فنانسنگ جو بندوبست ڪيو ويندو.ناڻي واري وزارت جي پلان موجب 2 ارب ڊالرن جي فنانسنگ سعودي عرب ۽ هڪ ارب ڊالر يو اي اي مان حاصل ڪئي ويندي، 500 ملين ڊالر جي فنانسنگ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ 500 ملين ڊالر جي فنانسنگ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان حاصل ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي منصوبي موجب قرض جي معاهدي تحت آءِ ايم ايف کان 3 ارب ڊالر حاصل ڪيا ويندا.
