نافرمان پٽ جو پئسا نه ڏيڻ تان پيرسن امڙ تي تشدد

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) نافرمان پٽ پئسا نه ڏيڻ تان پنهنجي پيرسن امڙ کي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو. انور آباد محلي ۾ ظالم پٽ عمران علي ٽڳڙ پنهنجي پيرسن امڙ مريم خاتون ٽڳڙ کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي شديد زخمي ڪري وڌو. پٽ جي تشدد ۾ پيرسن عورت بيهوش ٿي وئي ماءُ کي تشدد کان بچائڻ دوران ڀيڻ انيلا ٽڳڙ به لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جن کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو. گهوٽڪي پوليس جو چوڻ آهي ته ماءُ مٿان تشدد ڪندڙ جوابدار عمران ٽڳڙ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو