ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ حڪومت پاران 1.8 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل آغا خان پارڪ بيڊمنٽن ڪورٽ ڪلفٽن ڪراچي جو افتتاح ڪيو ۽ بيڊمنٽن ڪورٽ مقرر ڪيل هدف کان ٽي مهينا اڳ مڪمل ڪيو ويو آھي. ناصر شاھھ چيو تھ علائقي جا نوجوان رانديگر عالمي سطح جي بيڊمنٽن ڪورٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. ڪي ايم سي پاران ڪلڪ پروجيڪٽ جي سهڪار سان بيڊمنٽن ڪورٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران عالمي معيار جو بيڊمنٽن ڪورٽ علائقي جي عوام لاءِ تحفو آهي ۽ سنڌ حڪومت راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته بيڊمنٽن ڪورٽ ۾ قومي ۽ عالمي سطح جي ميچون ممڪن ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو خواب آهي ته سڄي سنڌ ۾ راندين جا ميدان ٺاهيا وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو صوبي جي نوجوانن کي راندين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون ڏنيون آهن. علائقي جي ماڻهن عالمي معيار جي بيڊمنٽن ڪورٽ جي تعمير تي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪلڪ (ورلڊ بئنڪ) پروگرام آصف جان صديقي، ايم سي سيد شجاعت، ڊي جي ٽيڪنيڪل سروسز ايم سي اظهر علي شاهه ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
