نارووال ۽ سيوهڻ واسين جا لاش هٿ، وارثن جي ڳولا

پنوعاقل/ سعيدآباد(نمائندن وٽان) دادلو ٿاڻي جي حد مان قومي شاهراه ڀرسان پنجاب واسي پيرسن عبدالحميد جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي جنهن جي لاش کي دادلو پوليس تعلقہ اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو آهي، دادلو پوليس موجب گشت دوران پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي جنهن جو نالو عبدالحميد پٽ طالب حسين آهي، سندس تعلق اوپر لا سپنو وال تعلقه ۽ ضلع نارو وال پنجاب سان آهي، مڙھ کي تعلقہ اسپتال پنوعاقل جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي جنهن جي مٿي تي تشدد جا نشان آهن. هوڏانهن نيو سعيدآباد ويجھو باء پاس تي ايڪسيڊنٽ ٿيل ھڪ ھمراھ جو لاش مليوآ جنھن جي کيسي مان شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ملي آ جنھن ۾ نالو علي گوھر ولد لال محمد باريچو ويٺل سيوهڻ آھي سندس لاش نيو سعيدآباد جي تعلقا اسپتال ۾ پيل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو