نارا ڪئنال مان جيڪب آباد واسي جو لاش هٿ

سکر(امداد علي ڪلوڙ) صالح پٽ جي علائقي نارا ڪئنال مان پوليس کي غريب آباد محلي جيڪب آباد جي رهواسي نورمحمد پٽ حضور بخش جو لاش هٿ آيو آهي جنهن کي پوليس کڻائي تعلقه اسپتال روهڙي پهچايو آهي. پوليس مطابق ته فوتي جي کيسي مان نڪتل شناختي ڪارڊ موجب نورمحمد پٽ حضور بخش طور سڃاڻپ ٿي آهي پر سندس جي وارثن سان رابطو ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري لاش کي تعلقه اسپتال روهڙي جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو