نئين دهلي ۾ برسات جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ برسات جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب نئين دهلي ۾ تيز برسات جاري آهي، جنهن سبب هر طرف پاڻي جمع ٿي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب 9 ڪلاڪن دوران 126 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.پاڻي جمع ٿيڻ سبب روڊ رستا تلاءُ بڻجي ويا، جڏهن ته ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. برسات سبب حادثي ۾ هڪ عورت به حياتي وڃائي ويٺي، موسميات کاتي شهر ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو