نئون ديرو ۾ جيها ڏاهاڻي تڪرار تان فائرنگ، ويگن ڊرائيور قتل

نئون ديرو: (ن س) نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ميرپور ڀٽو ڀرسان جيها – ڏاهاڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ويگن ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو.ڳوٺ عظيم ڏاهاڻي واسي عبدالغفار ڏاهاڻي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته 4 هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هٿياربند آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان عبدالغفار ڏاهاڻي جي سئوٽ حمز علي ڏاهاڻي ٻڌايو ته 4 سالن کان سڱاوتي مامري تان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان جيها ڌر جي هٿياربندن سئوٽ عبدالغفار کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو