مڙس کان ناراض ناري واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد ۾ نوجوان ناري مبينا طور مڙس کان ناراض ٿي واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. 25 سالن جي نوجوان عورت سمن زال عمران ميمڻ سنڌو درياهه جي ڄامشورو واري پل وٽ اڪرم واهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد جي هڪ خانگي بئنڪ ۾ نوڪري ڪندي هئي. پوليس موجب ناري جو مڙس سان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هن انتهائي قدم کنيو. بلديا ۽ ڇلگري ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش جي ڳولا ڪئي. عورت جو لاش واهه جي دروازن ۾ ڦاٿل مليو. وارثن پاران پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪرڻ بعد بنا ڪارروائي جي لاش سندن حوالي ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو