مٽياري (ن س )سنڌ حڪومت پاران ضلعي مٽياري جي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جي پروگرام جي باقاعدي شروعات ٿي وئي، وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان تعلقي سعيد آباد جي 2 سئو متاثرن کي مالڪاڻن حقن جون سندون ڏنيون.ان حوالي سان نيو سعيدآباد جي ڊائيمنڊ هال م رکيل تقريب م ميمبر قومي اسيمبلي شگفته جماڻي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر ايس ايس پي محمد ڪليم، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر منظور لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد جنيد ساه، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد علي شان ملڪ، مخدوم عمار حيدر، چئيرمين ٽائون ڪميٽي سعيدآباد سرفراز احمد راھو شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ پھريون صوبو آھي جتي ٻوڏ متاثرن جي لاء نه صرف گھر تعمير ڪيا پيا وڃن پر ان سان گڏ کين مالڪاڻن حقن جون سندون پڻ ڏنيون پيون وڃن جيڪو پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جو تاريخي ۽ انقلابي قدم آھي. هن چيو ته چئيرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان گذريل سال ٻوڏ ۽ سيلاب متاثر لکين خاندانن جي مڪمل بحالي لاء سنڌ حڪومت سنڌ پيپلز ھائوسنگ اسڪيم (SPHF( تحت گھر تعمير ڪري رھي آھي، ھن بورڊ آف روينيو ۽ ضلعي انتظاميا پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاء سروي واري عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي تعريف ڪندي چيو ته مٽياري ضلعي جي 45000 کان وڌيڪ متاثرن کي ڳوٺ آباد اسڪيم تحت گھر تعمير ڪري ڏنا ويندا. ھڪ سوال تي مخدوم محبوب الزمان چيو ته آءايم ايف سان معاهدي سبب مھانگائي م اضافو ٿيو آھي اميد آھي ته جلد صورت حال معمول تي اچي ويندي. وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان عمران خان جي گرفتاري بابت پڇيل سوال تي چيو ته ان معاملي تي ڳالھائيڻ فضول آھي عمران خان جي ڪابه حيثيت ناھي.
