ميلي تان موٽندڙ 3 نوجوان اغوا ٿي ويا، وارث ڪچي روانا

سرحد (ن س) صوفي سيد انور شاهه جي ميلي تان واپسي تي 3 نوجوان موٽر سائيڪل سميت اغوا ٿي ويا. ڳوٺ سانوڻ ملهڻ واسي آصف ملهڻ، قدير ملهڻ، نصير ملهڻ مبينه طور اغوا ٿيا هئا. ٽنهي نوجوانن جون موٽرسائيڪلون ۽ سامان ڪچي ويندڙ رستي مان هٿ آيو آهي. ٽنهي نوجوانن جي مبينه طور اغوا ٿي وڃڻ بعد وارث پيرو کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ميلي کان واپسي تي ٽن ڄڻن جي گم ٿيڻ جو اطلاع مليو آھي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو