ميلي تان موٽندي 2 ڄڻا اغوا، مغوين جون رڙيون،ڌاڙيل فرار

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) ڳوٺ الله بخش گهنڃو واسي گلڻ ۽ بشير رات جو ٻارنهن بجي درگاھ جهانپور جي ميلي تان پنهجي ڳوٺ واپس اچي رهيا هئا ته ڳوٺ غلام حسين چاچڙ ڀرسان 6 هٿياربندن کين يرغمال بڻائي ڪچي جي ڳوٺ ٻيڙو شر وٺي ويا. يرغمالين همت ڪري هٿياربندن سان مزاحمت ڪري دانهون ڪيون ته ڀرپاسي جي ڳوٺاڻڻ فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ ڌاڙيلن ڳوٺاڻڻ جي فائرنگ کان پوءِ مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا جڏهن ته اهڙو اطلاع گهوٽڪي پوليس کي ملندي پوليس جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ڏوهارين جا پيرا سرڪاري پاڳي ذريعي کنيا ويا پر ٿيو ڪجهه ڪونه.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو