ميرپورخاص ۾ پ پ اڳواڻ ذوالفقار شاهه تي فائرنگ، زخمي

ميرپورخاص (ن س )ميرپورخاص ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي اميدوار سيد ذوالفقار شاهه جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو رتن آباد بائي پاس وٽ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پي ايس 46 تان پ پ اميدوار سيد ذوالفقار شاهه زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي ٻڌايو آهي ته ذوالفقار شاهه جي گاڏي تي 4 گوليون فائر ڪيون ويون، هڪ گولي ڪار جي شيشي کي لڳي.پوليس موجب ذوالفقار شاهه جي ڳلي تي شيشي جا ٽڪرا آهن، ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن واقعي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته سيد ذوالفقار شاهه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري به اسپتال پهچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو